راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ڪامياب ڪارروائي ڪندي فتنا الخوارج جا 8 ڪارڪن مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.تبا باغ ۾ آءِ ايس پي آر جي ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز ۽ خوارج وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. فورسز سان مقابلي ۾ 8 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته مارجي ويل خوارج جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن کاتي موجب مارجي ويل خوارج سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا. مارجي ويل خوارج بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.










