اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جوابي فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، مارجي ويل دهشتگرد ڀتا خوري ۽ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث هئا، ڪارروائي دوران هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.عوامي رابطن واري کاتي جو چوڻ آهي ته علائقي مان ممڪنه دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو