راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي حسن خيل علائقي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ ٻارهن خوارج مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب لانس نائيڪ محمد ابراهيم بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيو.آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مارجي ويل خوارج سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۽ عام ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا، مارجي ويل خوارج جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ٻين ممڪن خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.










