راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي سپنوام ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران 4 خوارج کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب آپريشن 14 ۽ 15 جنوري جي وچ واري رات ۾ خوارج جي موجودگي تي ڪيو ويو.مارجي ويل خوارج فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۽ عام ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.










