آڊيو ليڪ، ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايتون وٺڻ جو وقت ملي ويو

آڊيو ليڪ، ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايتون وٺڻ جو وقت ملي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪ ڪميشن ڪيس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي حڪومت کان هدايتون طلب ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ آڊيو ليڪ ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ۽ پي ٽي آءِ جو باني بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته اهو معاملو ڪابينا آڏو پيش ڪيو وڃي ته حڪومت آڊيو ليڪس جي جاچ چاهي ٿي يا نه. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اهو معاملو ڪابينا آڏو پيش ٿيڻو هو پر اسلام آباد ۾ امن امان جي تازي صورتحال سبب معاملو ڪابينا ۾ پيش نه ٿي سگهيو. مختصر تاريخ ڏينداسين ته آڊيو ليڪس جو معاملو ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ پوءِ آڊيو ليڪس واري معاملي تي ڪابينا جي فيصلي کان آئيني بينچ کي آگاهه ڪيو ويندو.باني پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس جي قانوني حيثيت تي بلڪل واضح آهي.ان موقعي تي جسٽس امين الدين چيو ته اٽارني جنرل آفيس حڪومت کان هدايتون وٺندي ۽ حڪومتي هدايتون ملڻ بعد معاملي کي ڏسندي.

پهنجو تبصرو موڪليو