آمريڪي قائم مقام قونصل جي حارث نواز سان ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي قائم مقام قونصل جنرل جمي مولڊين ۽ مذهبي آزادي جي سفير جنرل راشد حسين پرڏيهي کاتي جي اعليٰ عملدارن سان گڏ سنڌ جي گهرو ۽ جيل واري وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير وفد کي حڪومت جي اهم ڪاميابين خاص طور تي اندروني سلامتي ۽ اقليتن جي حقن/ تحفظ جي حوالي سان آگاهه ڪيو. گهرو وزير وفد کي ٻڌايو ته اندروني سلامتي کي بهتر بڻائڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ٻنهي ڌرين اقليتي برادري لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا، جبري مذهب جي تبديلي ۽ توهين مذهب جي واقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو کاتي جي نگران وزير چيو ته صوبي سنڌ ۾ 4000 سيڪيورٽي اهلڪارن تي مشتمل اسپيشل پوليس فورس (ايس پي ايف) قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن پوري صوبي ۾ اقليتن جي عبادتگاهن جي سڪيورٽي جي فول پروف انتظامن کي يقيني بڻائي سگهجي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته عبادتگاهن جي چوڌاري سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ لڳايون ويون آهن، وفد امن امان، تحفظ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم کي ساراهيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي ورجايو. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير جي معاونت صوبائي گهرو سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو