آفيسن ۾ جاري ڪرپشن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي ميمبرن جي شڪايت تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو (SMBR) کي هدايت ڪئي آهي ته سب رجسٽرار ۽ مختيارڪار جي آفيسرن ۾ جاري ڪرپشن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي مئنيجنگ ڪميٽي جي وفد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ميمبرن ۾ صدر عامر سليم، محمود الحسن، ممتاز مهدي، وقار عباسي، محترمه صبيح محمود ۽ ٻيا شامل هئا. ڪي بي اي جي ميمبرن وڏي وزير کي ٻڌايو ته سب رجسٽرار آفيسن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن آهي جتي رشوت کانسواءِ ڪوبه ڪم نٿو ٿئي. وڌيڪ ٻڌايو ته تعلقي صدر ڪراچي جي مختيارڪار جي آفيس ۾ هڪ رٽائرڊ مختيارڪار پنهنجو دٻدٻو قائم ڪيو آهي. وڏي وزير ايس ايم بي آر زاهد عباسي کي هدايت ڪئي ته ڪرپٽ سب رجسٽرارن ۽ مختيارڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن ايس ايم بي آر کي هدايت ڪئي ته ريٽائرڊ، پرائيويٽ ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي سمورين آفيسن کان پاڪ ڪيو وڃي. ايس ايم بي آر زاهد عباسي چيو ته هو ڪراچي بار جي ميمبرن سان ملاقات ڪري کين شڪايتن تي عمل ڪندو. ڪراچي بار جي ميمبرن شڪايت ڪئي ته بار جي ڊسپينسري ۾ دوائون نه آهن ۽ گٽرن جو گندو پاڻي سٽي ڪورٽ ڀرسان روڊن تي وهي رهيو آهي. وڏي وزير ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي ته سٽي ڪورٽ ڀرسان ٽٽل ڦٽ: روڊن کي تعمير ڪيو وڃي ۽ نيڪالي جي سسٽم کي درست ڪيو وڃي. هن سيڪريٽري صحت کي ڪراچي بار ڊسپينسري کي دوائون ۽ ريسڪيو 1122 کي ايمبولينس فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو