آزاد ڪشمير حڪومت جو صدارتي آرڊيننس واپس، نوٽيفڪيشن جاري

آزاد ڪشمير حڪومت جو صدارتي آرڊيننس واپس، نوٽيفڪيشن جاري

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير حڪومت عوامي ميڙاڪن ۽ ريلين تي پابندي وارو تڪراري صدارتي آرڊيننس واپس وٺي ڇڏيو آهي.حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدارتي آرڊيننس تحت اجازت کانسواءِ جلوس ڪڍڻ تي پابندي هئي پر هاڻي صدارتي آرڊيننس واپس ورتو ويو آهي.ان کان علاوه عوامي ايڪشن ڪميٽي جو چوڻ آهي ته 90 ڏينهن اندر چارٽر آف ڊيمانڊ سميت ٻين 12 نقطن تي عمل ڪيو ويندو.واضح رهي ته آزاد ڪشمير ۾ صدارتي آرڊيننس خلاف گذريل ڏينهن پيپلز ايڪشن ڪميٽي ۽ وزيرن جي ڳالهين واري ڪميٽي جي وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ پيپلز ايڪشن ڪميٽي لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو هو.عوامي ايڪشن ڪميٽي به صدارتي آرڊيننس خلاف هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي.آزاد ڪشمير ۾ صدارتي آرڊيننس خلاف عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو