آرمي چيف قابل عزت ۽ احترام آهن: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته آرمي چيف قابل احترام آهي، هو واپاري برادري سان ملاقات لاءِ ڪراچي آيو هو.پنهنجي هڪ بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته آرمي چيف اسمگلنگ جي خاتمي ۽ ڪچي آپريشن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان به چاهيون ٿا ته ڪچي ۾ آپريشن ٿئي، اسان اهو به چيو ته اسان کي اتي سهڪار جي ضرورت آهي.هن چيو ته ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي آرمي چيف نه چيو پر اهي سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن، ان جي به ترديد ڪئي وئي آهي.اڳوڻي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙو نام نهاد نظام آهي ته ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو