ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ طرفان ڪشمور ڌرڻي جي حمايت توڙي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاءِ ٺُل، گهارو، ميهڙ، خیرپور،ڪنڌڪوٽ، سانگهڙ، مٺي ۽ سکر سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ريليون ۽ ڌرڻا ھنيا ويا. جن کي جماعت اسلامي جي صوبائي توڙي مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ امن امان جي بحالي شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت وقت جي اولين ذميواري آهي، هندو برادري اڪيلي ڪونه آهي، جماعت اسلامي ان سان گڏ آهي، آخري مغوي جي بازيابي تائين سنڌ ۾ احتجاج ۽ ڌرڻا جاري رهندا. سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ٻٻرلو باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته سراج الحق واحد قومي ليڊر هو جنهن سڀ کان پهرين سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف آواز اُٿاريو ۽ ڪنڌڪوٽ شڪارپور ۾ ڌرڻا هڻي حڪمرانن کي متوجه ڪيو، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي، اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت ئي سنڌ ۾ خوشحالي ۽ عوام کي ڌاڙيل راڄ سميت مڙني مسئلن کان نجات ڏياري سگهي ٿي. ميهڙ ۾ اٽڪ پيٽرول پمپ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو لڳايو ويو مقامي اڳواڻن الياس ڪلهوڙو، عبدالله ڏيرو خطاب ڪيو، ٺل ۾ رهبر چوڪ وٽ لڳل ڌرڻي کي امداد الله بجاراڻي، مولانا رفيع الدين چنا ۽ اعجاز لاشاري خطاب ڪيو، سانگهڙ ۾ راجه وسيم، ظهير جتوئي، محمد طفيل، گهارو ۾ ريلي کي محمد علي خٽڪ، اشرف راجپوت، جيڪب آباد پريس ڪلب وٽ ضلعي اڳواڻ هدايت الله رند، عزيز پيروزادو، مٺي ۾ ريلي کي ميرمحمد بُليدي، عبدالسبحان سميجو، ٻٻرلو باءِ پاس وٽ صوبائي اڳواڻ مولانا حزب الله جکرو، زبير حفيظ شيخ، خيرپور ۾ مولانا ثناالله جوڻيجو، خانپور مهر ۾ عبدالخالق گڏاڻي، ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڪشمور ۾ ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي ۽ افضل عطا ڪلوڙ لڳل ڌرڻن کي خطاب ڪيو
