ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي راءِ آهي ته آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن.جيڪب آباد ۾ جکراڻي هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس ۾ اها راءِ هئي ته آئين موجب 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن.سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي وفد جي اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ٿيندي.هن چيو ته جان محمد مهر سانحو وڏو سانحو هو، نگران حڪومت کان مطالبو آهي ته جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي.
