آئين موجب معلومات تائين رسائي هر شهري جو حق آهي: ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان جي آئين موجب معلومات تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي تان ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ 2016ع منظور ڪرائي چڪي آهي. سيڪريٽري اطلاعات چيو ته معلومات تائين رسائي جي حق واري قانون سان معاملن ۾ شفافيت ۽ بهتري ايندي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ آفيسرن کي لاڳاپيل قانونن کان آگاهه ڪرڻ ۽ انهن قانونن تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ تربيتي سيشن منعقد ڪرڻ ۽ ان سيشن ۾ مختلف کاتن جي پبلڪ انفارميشن آفيسرن جي شرڪت هڪ مثبت عمل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات سيڪريٽري سنڌ نديم ميمڻ اڄ ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ اطلاعات تائين رسائي جي قانونن بابت منعقد ڪيل تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ورڪشاپ سنڌ انفارميشن ڪميشن پاران ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي پبلڪ انفارميشن آفيسرن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ انفارميشن ڪميشن جي چيف انفارميشن ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد علي، انفارميشن ڪمشنر ايڊووڪيٽ صائمه آغا، انفارميشن ڪمشنر شاهد عباس جتوئي، ڪراچي يونيورسٽي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي اسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر نوشين وصي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪاشف علي، اڳوڻو وائيس چانسلر محمد علي جناح يونيورسٽي ڊاڪٽر محمد علي شيخ، ڊاڪٽر رضا گرديزي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو