ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين موجب صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿوپ ته اليڪشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري نه ٿي ڪري ته عدالت جا در کليل آهن نگران سرڪار شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪندي ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران ميڊيان ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن تيل جا اگهه گهتائڻ نگران حڪومت جر وس ۾ هجي هاته اسين ضرور ڪردار ادا ڪيون ها پر ملڪ ڊالر جا اگهه گهٽجڻ کان پوءِ ايندڙ ڀيري تيل جون قيمتون گهٽجڻ جا امڪان آهن هن چيو ته آئين ۽ قانون نگران حڪومت کي جيتري اجازت ڏئي تو ان ۾ محدود اختيار آهن احتساب ۽ ٻين جي جهيڙي ۾ پوڻ نه ٿا اسان جو فوڪس عالمي معاهدن تي عمل ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ آهي، سندس چوڻ هوته اسان جي ڪوشش آهي ته گرمي پد گهٽائي سگهون، هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته عمران جي نالي وٺڻ تي ڪابه پابندي ناهي، عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سميت اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ پارٽين کي ليول پلينگ فيلڊ ملندي نواز شريف بابت پڇيل سوال جي جواب مرتضا سولنگي چيو ته نواز شريف هن ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ جيل ٽوڙي باهر نه ويو هو ، هاڻي جڏهن ڏيهه ورندو ته مون کي خبر ناهي ته ڪهڙي عدالت سان رجوع ڪندو يا ڪهڙي ڪيس کي منهن ڏيندو هن ڇيو ته نواز شريف کي نگران حڪومت نه پر ان وقت جي حڪومت ۽ عدليا کيس باهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي نگران وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بجلي جي چوري خلاف ٿيل ڪريڪ ڊائون مان 8 ارب رپيا مليا آهن، چوري سبب بل ادا ڪندڙن تي بار پوي ٿو، ان عمل کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته جيڪي ادارا سرڪار کان اشتهار وٺن ٿا اهي ملازمنن ملازمن کي پگهارون نه ڏيندا ته انهن جا اشتهار بند ڪيا ويندا، ڪجه ماڻهن جو ڪم معاملن کي منجهائڻ آهي اليڪشن ڪميشن پاران جنوري جي آخر ۾ چونڊون ڪرائڻ جي اعلان کان پوءِ نگران حڪومت خوش ٿي آهي ته اسان پنهنجي ائيني ذميواري پوري ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهيون.
