ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته آئين ۾ ڏنل حق هر شهري کي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.انساني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج گورنر هائوس ۾ ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي.سنڌ جي گورنر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران شهرين جي حقن جي تحفظ، عورتن ۽ ٻارن جي سهولتن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سنڌ جي گورنر جي ترجمان چيو آهي ته نگران وفاقي وزير سنڌ جي گورنر سان گڏ اميد جي گھنٽي وڄائي طاقتور پاڪستان جي راشن جي ٿيلهن جو معائنو ڪيو. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته انساني حقن واري وزارت جي منصوبن سان عورتن ۽ ٻارن جي حقن جو تحفظ ممڪن ٿيندو،هن چيو ته آئين ۾ ڏنل حق هر شهري کي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، صوبي ۾ وفاقي وزارت جي منصوبن تي موثر عملدرآمد سان سهولتون ممڪن ٿينديون.
