آءِ فون 16 ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايپل جا نواز آءِ فونز ته سيپٽمبر 2024ع ۾ متعارف ڪرايا ويندا پر ان حوالي سان ليڪس جو سلسلو جاري آهي،اڇا اهو واضح ناهي ته آءِ فون 16 سيريز جا ماڊلز ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندا.پر هڪ رپورٽ ۾ آءِ فون 16 جي امڪاني ڊزائين جا پروٽوٽائيپ خاڪا جاري ڪيا ويا آهن،رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جي بيسڪ آءِ فون ماڊل لاءِ ايپل طرفان بيڪ ڊزائين ۽ بٽڻن ۾ تبديلين جو امڪان آهي،ان ڪري ڪمپني پاران 3 ڊزائنز تي غور ڪيو پيو وڃي جن جا خاڪا رپورٽ ۾ جاري ڪيا ويا آهن،سائي ۽ ڦڪي رنگ جي پهرين ڊزائين ۾ بيڪ تي آءِ فون ايڪس جهڙو ڪيمرا سيت اپ نظر اچي رهيو آهي،گلابي ۽ ڪاري رنگ جي ڊزائنز ۾ ڪيمرا سيٽ اپ ڏسڻ ۾ هڪ جهڙو ئي لڳي رهيو آهي. پر ٽنهي ڊزائنز ۾ واليوم ڪنٽرولز سان گڏوگڏ ايڪشن بٽڻن جو اضافو به نظر اچي رهيو آهي. واضح رهي ته آءِ فون 15 سيريز ۾ ايڪشن بٽڻ رڳو پرو ماڊلز ۾ ڏنو ويو هو پر ايندڙ سال اهو سڀني ڊوائيسز جو حصو بڻجي سگھي ٿو. ڪاري رنگ جي ڊزائين ۾ هڪ نئون CAPTURE بٽڻ به پاور بٽڻ جي هيٺان نظر اچي رهيو آهي. اهو بٽڻ امڪاني طور تي ڪيمرا لاءِ استعمال ٿيندو.آءِ فون 16 سيريز چئن ماڊلز ۾ ايپل جو اي 18 پراسيسر ڏيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته آءِ او ايس 18 بي ان جو حصو هوندو.پر ان سيريز جي فونز ۾ وڏين هارڊويئر تبديلين جو امڪان ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو