پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته آءِ ايم ايف پيڪيج جي منظوري خوش آئند آهي، قومي مالياتي معاهدي جي ڪجهه نقطن تي تحفظات آهن.هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي جن نقطن تي تحفظات آهن اهي وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليا ويندا.مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته وفاق کان مليل وضاحت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي جمع ڪرائي ويندي هن اهو به چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ قومي مالياتي معاهدي جو جائزو ورتو ويو، صوبائي ڪابينا آءِ ايم ايف پيڪيج جي منظوري جي آجيان ڪئي.










