گهوٽڪي: (ن س) گهوٽڪي جي علائقي رونتي جي ڪچي ۾ آپريشن جي دوران مارجي ويل 8 گهربل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ ٿي وئي.ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله موجب مارجي ويل ڌاڙيل سنڌ، پنجاب جي سنگين ڏوهن ۾ انتهائي گهربل هئا. انهي آپريشن ۾ سنڌ، پنجاب جي 20 کان وڌيڪ انعام يافته ڌاڙيل به زخمي ٿيا آهن. آپريشن ۾ رينجرز ۽ وفاقي سول انٽيليجنس ايجنسي جي مڪمل مدد حاصل آهي. ڊي آءِ جي ٻڌايو ته راونتي جي ڪچي ۾ آپريشن دوران 12 ڌاڙيل مارجي ويا هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، مارجي ويل ڌاڙيل سوبو عرف گونو شر 13 سنگين ڪيسز ۾ گهربل هو جن ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت جا ڪيسز به شامل آهن.ڊي آءِ جي چيو ته اڪبر عرف اڪبري شر 2 پوليس اهلڪارن جي قتل سميت 17 کان وڌيڪ سنگين ڏوهن ۾ گهربل هو. شاهنواز عرف شاهو ڪوش 12 پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هو ۽ انهي تي 50 لک روپيه انعام رکيل هو.ڊي آءِ جي فيصل عبدالله وڌيڪ ٻڌايو ته ڌاڙيل جاگن عرف وديو ڪوش 5 پوليس آفيسرن، اهلڪارن جي قتل ۾ گهربل هو ۽ غلام عرف جانب شر 21 کان وڌيڪ ڪيسز سميت ڪيترن ئي اهلڪارن جي قتل ۾ گهربل هو.ڊي آءِ جي سکر موجب نذير شر 8 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسز ۾ گهربل هو. غشو عرف گل شير 3 سنگين ڪيسز ۾ گهربل هو جڏهن ته قربان شر جو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي










