پاڪ ڀارت جنگ لڳي ته ان جا اثر محدود نه هوندا،بلاول ڀٽو

پاڪ ڀارت جنگ لڳي ته ان جا اثر محدود نه هوندا،بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنهن کي ڀارت نئون معمول چئي رهيو آهي ان کي جاري رکڻ به ڀارت جي مفاد ۾ ناهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ايٽمي طاقتون آهن، ۽ جيڪڏهن جنگ لڳي ته ان جا اثر ٻنهي ملڪن تائين محدود نه هوندا.بلاول ڀٽو چيو ته امن ان وقت تائين قائم نٿو ٿي سگهي جيستائين ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي جو مسئلو جيڪو ڀارت اٿاريو آهي، حل نه ٿئي.وزيراعظم جي پاڪستان جي موقف بابت دنيا کي آگاهي ڏيڻ جي ڪم جي حوالي سان، بلاول ڀٽو چيو ته هو مختلف ملڪن ۾ ويندو ۽ امن لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو.هن چيو ته پاڪستان سچائي ۽ امن لاءِ بيٺو آهي، جڏهن ته ڀارت جي موقف جون بنيادون ڪوڙ، نفرت ۽ ورهاڱي تي ٻڌل آهن.هن اهو به چيو ته پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، خطي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ حل ڳولڻ گهرجي، پاڻي جي مسئلي جو حل ڳولڻ جي ضرورت آهي، ۽ ايندڙ نسلن جي ذميواري آهي ته اهي هڪ نئين مستقبل لاءِ جدوجهد ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو