لاهور: عورت ۽ ڊرائيور جي قتل ۾ 3 جوابدار گرفتار

لاهور: عورت ۽ ڊرائيور جي قتل ۾ 3 جوابدار گرفتار

لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور جي باٽاپور علائقي ۾ پوليس هڪ سال کانپوءِ عورت ۽ سندس ڊرائيور جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب، جوابدارن گذريل سال پراڻي دشمني تي مقدس نالي هڪ عورت ۽ سندس ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو.ٻٽي قتل ڪيس ۾ مکيه جوابدار شاهد وحيد عباس عرف بدا سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو