عمران خان جو ٽيون ڀيرو پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار

عمران خان جو ٽيون ڀيرو پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان 9 مئي جي ڪيسز ۾ ٽيون ڀيرو پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.لاهور جي جاچ ٽيم ڊي ايس پي آصف جاويد جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ باني جو 9 مئي جي ڪيسز ۾ پولي گرافڪ ٽيسٽ ڪرڻ آئي هئي. انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ڊي ايس پي جاويد آصف چيو هو ته جوابدار ٽيسٽ نه ڪرائيندو ته پوءِ جاچ ڪيئن مڪمل ٿي سگهي ٿي. ٽيسٽ مڪمل ٿيڻ تي ئي شاهدين جي صحيح هجڻ يا نه هجڻ جي خبر پئجي سگهندي. ٽيسٽ نه ٿيندي ته جاچ جو عمل اڳيان نه وڌندو.ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان 2 ڀيرا ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪرائي چڪو آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني ٽيسٽ نه ڪرائڻ بابت جاچ ٽيم کي لکت ۾ آگاهه ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو