حيدرآباد: ٽريفڪ چالان جي ڏنڊ ۾ 700 سيڪڙ اضافو

حيدرآباد: ٽريفڪ چالان جي ڏنڊ ۾ 700 سيڪڙ اضافو

حيدرآباد: (ن س) ڪراچي کان پوءِ هاڻ حيدرآباد ۾ به ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڳرو ڏنڊ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب حڪومت طرفان نوان ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا آهن ته جيئن شهر ۾ قانون جي پاسداري کي يقيني بنائي سگهجي. اختيارين ٻڌايو آهي ته بنا ڊرائيونگ لائسنس گاڏي هلائڻ تي هاڻ 2500 جي بجاءِ 20 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو اهڙي اطرح موٽر سائيڪل سوار وٽ هيلمٽ نه هجڻ جي صورت ۾ 500 جي بجاءِ 5 هزار روپيه ڏنڊ ڏيڻو پوندو.نو پارڪنگ ۾ گاڏي بيهارڻ تي 2 هزار جي بجاءِ 10 هزار روپيه ڏنڊ وصول ڪيو ويندو جڏهن ته تيز رفتاري تي 2500 جي جڳهه 25 هزار روپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. اهڙي طرح رن وي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شهرين تي به هاڻ 25 هزار روپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.پوليس موجب بنا نمبر پليٽ جي گاڏي هلائڻ تي 5 هزار روپيه ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته اهڙن قدمن جو مقصد ٽريفڪ نظام ۾ بهتري ۽ حادثن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي، پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٽريفڪ قانون تي عمل ڪن ۽ هڪ ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو