ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزاد ملڪ آهي، جتي شهرين کي اظهار جي آزادي سميت وسيع آئيني حق حاصل آهن. سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ حقِ معلومات ڪميشن پڻ قائم ڪيو آهي، جتي هر شهري کي گهربل معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت تيار آهي. اسلام آباد ۾ ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل هڪ تقريب کي ڳالهائیندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏهن ڪنهن وٽ دليل نه هوندا آهن ته اهو منفي مهم ۽ پروپيگنڊا جو سهارو وٺندو آهي. پروپيگنڊا جو مقصد ڪنهن جي ساک کي نقصان پهچائڻ، ڪنهن خاص ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ يا پنهنجي سوچ ٻين تي مڙهڻ هوندو آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي لڳاتار ڪوڙو ۽ گمراهه ڪندڙ مواد پکيڙڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، پر ان سان ماڻهن جي زندگين ۽ سماجي ساک کي سخت نقصان پهچي سگهي ٿو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو اظهار جي آزاديءَ جو مخالف نه پر حامي آهي، پر ان آزاديءَ جي نالي تي ڪوڙيون خبرون، هٿ ٺوڪي ڄاڻ ۽ ڪنهن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ان حوالي سان قانونن کي وڌيڪ سخت بڻائڻ ۽ انهن تي اثرائتي نموني عملدرآمد پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي.هن چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جو مثبت ۽ منفي ٻنهي قسمن جو استعمال ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري انهن جي ذميواراڻي استعمال ۽ اثرائتي نگراني جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪو شخص لڳاتار ڪنهن ٻئي خلاف غلط ۽ گمراهه ڪندڙ مواد پکيڙي رهيو هجي ته شهرين جي به ذميواري آهي ته اهڙن اڪائونٽن جي نشاندهي ڪن، انهن کي رپورٽ ڪن ۽ پنهنجون شڪايتون لاڳاپيل سرڪاري ادارن تائين پهچائين، جيئن قانون موجب ڪارروائي ڪري سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا کي ڪوڙين خبرن ۽ منفي پروپيگنڊا لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان سان نه رڳو معاشري کي نقصان پهچي ٿو، پر ماڻهن جون زندگيون پڻ متاثر ٿي سگهن ٿيون. اها رڳو حڪومت جي نه، پر اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته اظهار جي آزاديءَ سان گڏ ، سچائي ۽ جوابدهي کي پڻ يقيني بڻايون.










