ويڪسين جون 59 هزار کان مٿي خوراڪون ضايع ٿي ويون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪورونا ويڪسين جي 59 ھزار کان وڌيڪ خوراڪون ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. صحت واري شعبي موجب سڀني کان وڌيڪ ويڪسين سائنو ويڪ جي 18 ھزار 763 خوراڪون ضايع ٿيون، ٻئي نمبر تي ايسٽرازينيڪا جون 16 ھزار 754، سائنو فارم جون 14 ھزار 576 خوراڪون ضايع ٿي چڪيون آھن. صحت جي شعبي جي عملدارن ٻڌايو تھ پاڪ ويڪ جون 6 ھزار 768 ۽ ڪين سائنو جون 2 ھزار 143 خوراڪون ضايع ٿيون جڏھن تھ موڊرينا ويڪسين جون 489 ۽ فائزر ويڪسين جون 38 خوراڪون ضايع ٿي چڪيون آھن. جنهن جو وڏو سبب بجلي بند هئڻ، ڪولڊ چين جي عدم فراھمي، ويڪسينينيٽر طرفان ويڪسين ڪڍڻ ۽ لڳائڻ دوران مس ھينڊلنگ، ويڪسين ڪرڻ، ويڪسين لڳائڻ وقت ويڪسين لڳائيندڙ ماڻھن جي طبيعت خراب ٿيڻ جا عمل بھ شامل آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو