استادن جا مسئلاحل ڪريو، گسٽا اڳواڻن جي لغاري سان ملاقات

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) گسٽا مهيسر گروپ جي مرڪز ۽ پ ٽ الف تعلقه دادو پاران سيڪريٽري ايجوڪيشن سان ملاقات؛ خبر موجب گسٽا مهيسر سنڌ جي صدر مقصود مهيسر پنهنجي مرڪزي باڊي حسين بخش خميساڻي۽ ضلعي دادو جي صدر لطف ۽ ڪولاچي ۽ پ ٽ الف تعلقه دادو جي اڳواڻ پرديپ ڪمار پاران پرائمري اپگريڊيشن ۽ ٻين اهم مسئلن بابت سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاري سان هڪ ڪلاڪ جي سندس آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته استادن جا جائز مطالبا، بايو ميٽرڪ کي ڊويزنل سطح تي آڻڻ، اي ٽرانسفر پاليسي ۾ تبديلي آڻي بدلين جا اختيار ڊائريڪٽر سطح تي آندا وڃن، ميرٽ تي آيل استادن جو ڪانٽريڪٽ پيرڊ مستقل پيرڊ ۾ ضم ڪرڻ، JST کي گريڊ 17 ڏيڻ، 2012 واران استادن جون پگهارون جاري ڪرڻ، ايجوڪيشن کاتي جي ملازمن کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي طرز جيان يوٽيلٽي الائونس جاري ڪرڻ، نون ڀرتي ٿيل JEST, ECT سالياني انڪريمينٽس ۽ سڀني تعليم کاتي ملازمن کي ميڊيڪل ڪارڊ ۽ ٻيا اهم مطالبا منظور ڪيا وڃن، جنهن تي سيڪريٽري صاحب يقين ڌياني ڏياري ته آئون استاد پيشي سان محبت ڪندو آهيان ۽ انشاﷲ جلد کان جلد اوهان جا جائز مطالبا منظور ڪيا ويندا ۽ پرائمري اپگريڊيشن بابت سيڪريٽري صاحب پڻ چيو ته پرائمري اپگريڊيشن بابت ڪم تمام تيزي سان جاري ساري آهي انشاﷲ جلد ڪيبنيٽ مان ڊاڪيومينٽس نوٽيفائيڊ ڪري جلد جلد کان اپگريڊيشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو