اسڪول جي چت جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد ۽ شاگرد زخمي

مٺياڻي  (ن سنڌيار) وارڊ نمبر اٺين ۾ پرائمري اسڪول مولوي مير محمد چانڊيو جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڌماڪي سان ڪري پيا ,جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ استاد علي اڪبر کھو ۽ شاگرد عديل حسين زخمي ٿي پيا , جڏھن ته ڪلاس ۾ موجود فرنيچر ۽ پکا وغيره پڻ ڀڄي پيا , ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي استادن صحافين کي ٻڌايو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ايڊيوڪيشن کاتي جي آفيسرن وٽ اسڪول جي زبون حالت بابت شڪايتون ڪيون آھن , ليڪن ان جو ڪوبه تدارڪ ناھي ٿيو ,ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ھاڻي ڳوٺاڻا پنھنجن ٻارڙن کي اسڪول ڇڏڻ لاء خوف ۾ ورتل آھن , آخر ۾ ھنن سنڌ حڪومت , تعليم کاتي جي بالا اختيارين سميت سڀني وسوارن کان فوري طور اسڪول جي بلڊنگ نئين سر تعمير ڪرائڻ جي گھر ڪئي آھي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو