سلمان خان جي ننڍڙي مداح سان پيار ۽ شفقت، وڊيو وائرل

سلمان خان جي ننڍڙي مداح سان پيار ۽ شفقت، وڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان جي هڪ ننڍڙي مداح سان پيار ۽ شفقت جو اظهار ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. 60 ورهين جي سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ننڍي عمر جي مداحن لاءِ محبت ۽ شفقت جو ثبوت ڏئي ڇڏيو. سخت سڪيورٽي باوجود هڪ ننڍڙو مداح سلمان خان جي ويجهو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان موقعي تي اداڪار تڪڙ ۾ اڳتي وڌڻ بدران بيهي رهيو ۽ ٻار سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن سان سندس مداح خوش ٿي ويو.اداڪار پهرين جهڪي ٻار جي قد برابر ٿيو، پوءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکي پيار سان ڳل ڇهيا. سلمان خان پنهنجي ننڍڙي مداح جي پيشاني تي چمي ڏني، کيس ڀاڪر پاتو ۽ فوٽوگرافرن آڏو ساڻس گڏ تصويرون پڻ ڪڍرايون. اداڪار جي محبت ۽ شفقت سان ڀرپور اها وڊيو سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿي رهي آهي. اهو پهريون ڀيرو ناهي جو سلمان خان بيهي ننڍي عمر جي مداحن سان پيار ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو هجي. ان کان اڳ به اداڪار 2023ع ۾ ممبئي ايئرپورٽ، اپريل 2025ع ۾ دهلي ايئرپورٽ ۽ سيپٽمبر 2026ع ۾ ممبئي جي هڪ تقريب دوران سخت سڪيورٽي ۽ هجوم باوجود پنهنجي ننڍي عمر جي مداحن لاءِ بيهي محبت جو اظهار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو