رڳو ڏکڻ پنجاب صوبي جي حد تائين ڳالهه ٿي سگهي ٿي: بلاول ڀٽو

رڳو ڏکڻ پنجاب صوبي جي حد تائين ڳالهه ٿي سگهي ٿي: بلاول ڀٽو

رحيم يار خان: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رڳو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام بابت ڳالهه ٿي سگهي ٿي، پنجاب کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي حق ۾ ناهيون. پنجاب جي شهر رحيم يار خان ۾ ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي وقت انتقامي سياست جو نه، پر عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو آهي. هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي حق ۾ آهي، پر نفرت ۽ ورهاڱي واري سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڳ وانگر هاڻي به عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، صوبن بابت رڳو ڏکڻ پنجاب جي حد تائين ڳالهه مڃون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام پريشان آهي ته ٻن ويلن جي ماني کائي يا دوائون خريد ڪري، هاري، آبادگار ۽ مزدور ڏکيائين جو شڪار آهن. ڏکڻ پنجاب صوبي کي ڪنهن ڳجهي طريقي سان قائم نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي حمايت ان ڪري ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته پنجاب اسيمبلي ۽ اتان جا عوام به اهو چاهين ٿا. پنجاب جا عوام ۽ اسيمبلي جيڪو به فيصلو ڪندا، اسان انهن سان گڏ هونداسين. پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ اسان جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي. ادارن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام جي حقيقي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو