اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مختصر دوري تي سڀاڻي اسلام آباد پهچڻ جو امڪان آهي، جتي سندس حڪومتي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ٿينديون. پارٽي ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪري سگهي ٿو. ملاقاتن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، حڪومتي معاملن ۽ گڏيل سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ واري معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جڏهن ته 11 ڊسمبر تي خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جي مدي ۾ واڌ جي ضرورت بابت پڻ صلاح مشورو ڪيو ويندو.ان کانسواءِ نون صوبن جي قيام بابت تجويزن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري ملاقاتن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومتي قيادت آڏو پيپلز پارٽي جا خدشا رکندو.










