موسم خشڪ ۽ راتيون ٿڌيون رھڻ جو امڪان

موسم خشڪ ۽ راتيون ٿڌيون رھڻ جو امڪان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نومبر جي پڄاڻيءَ تائين ڏينهن جو موسم خشڪ ۽ راتيون ٿڌيون رھڻ جو امڪان آهي، جڏھن ته ڊسمبر ۾ موسم آهستي آهستي ٿڌ کان جزوي سردي ۽ پوءِ مڪمل سياري ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڪثر وقت بلوچستان کان ايندڙ هوائون اثرانداز رهنديون، جڏهن ته صبح جي وقت ڪوهيڙو پوڻ سبب حدِ نگاهه متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير ضيغم موجب نومبر دوران ڪراچي ۾ سياري جي برساتن جو ڪو به امڪان ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو