اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا جي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته نون صوبن جي قيام واري معاملي تي بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جو موقف هڪجهڙو آهي، ٻئي صوبن جي ورهاست نٿا چاهين.شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته مريم نواز جي تقريرن مان لڳي ٿو ته هوءَ نون صوبن جي قيام جي مخالف آهي، سندس موقف پنهنجي چاچي شهباز شريف لاءِ به ڏکيائيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن.هن چيو ته نون صوبن بابت وفاقي حڪومت جو موقف واضح ناهي، ڄاڻي واڻي مونجهارو پيدا ڪيو پيو وڃي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي خاموشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڪيترو مجبور آهي. هن سمورن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته ملڪ اڳ ئي سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي، وڌيڪ ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ۽ مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو وڃي.










