مريضن جو طبي رڪارڊ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي محفوظ نه ڪرڻ چئلينج

مريضن جو طبي رڪارڊ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي محفوظ نه ڪرڻ چئلينج

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو طبي رڪارڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي محفوظ نه ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.شهري عبدالله عثمان، وڪيل رانا سڪندر جي معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ پنجاب حڪومت ۽ صحت واري سيڪريٽري کي ڌر بڻايو آهي.درخواستگذار جي وڪيل رانا سڪندر ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ اڪثر غريب ۽ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا، جيڪي پنهنجون ٽيسٽ رپورٽون ۽ ٻيو طبي رڪارڊ اڪثر محفوظ رکي نٿا سگهن.هن عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ مريضن جو ڊيٽا سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي محفوظ ڪيو ويندو آهي، جيڪو هڪ ڪامياب مثال آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ مريضن جو سمورو رڪارڊ سندن سڃاڻپ ڪارڊ تي محفوظ ڪيو ويندو آهي. نادرا جي سهڪار سان اهڙو نظام جوڙڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ذريعي طبي تاريخ دستياب هجڻ سان نه رڳو مريضن کي بار بار ٽيسٽ ڪرائڻ جي تڪليف کان ڇوٽڪارو ملندو، پر ڊاڪٽرن کي پڻ بيماري جي تشخيص ۽ علاج ۾ وڏي سهولت ٿيندي.درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته پنجاب حڪومت کي صوبي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو طبي رڪارڊ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر تي محفوظ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو