ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کان درخواست ڪريون ٿا ته اها 29 نومبر تي پنهنجي جلسي جي تاريخ يا جڳهه تبديل ڪري.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پرامن سياسي جلسا ڪرڻ جو حق سڀني کي آهي، پيپلز پارٽي ڪنهن کي جلسي ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي، اسان ڪميٽي ٺاهي ۽ ايم ڪيو ايم سميت قومپرستن سان رابطو ڪيو آهي.صوبائي وزير چيو ته 29 نومبر تي جلسن جي حوالي سان صورتحال صحيح نه آهي. 29 نومبر تي پهريان قادر مگسي جلسي جو اعلان ڪيو انهي کان پوءِ ايم ڪيو ايم اعلان ڪيو، ايم ڪيو ايم انهي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ناهي ڪيو. اسان ايم ڪيو ايم کي چيو آهي ته اها تاريخ يا جڳهه تبديل ڪري.سعيد غني چيو ته 30 نومبر تي يوم تاسيس جو جلسو ڪراچي ۾ ريلوي گرائونڊ محمود آباد ۾ ٿيندو. ڪارڪنن کي چيو آهي ته اهي جلسي ۾ وڏن جلوسن جي صورت ۾ نه اچن. ننڍن ننڍن قافلن جي صورت ۾ اچن جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڊيو لنڪ سان خطاب ڪندو.سعيد غني جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ پيپلز پارٽي قربانيون ڏنيون آهن. بينظير ڀٽو دهشتگردن کي چيلينج ڪيو ۽ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. پيپلز پارٽي اڄ به پنهنجي نظريي تي قائم آهي.










