اين سي سي آءِ اي جي جوڙجڪ، سائبر پوليس ٺاهڻ جي تجويز

اين سي سي آءِ اي جي جوڙجڪ، سائبر پوليس ٺاهڻ جي تجويز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي نئين سر جوڙجڪ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اداري کي قومي سطح جي پاڪستان سائبر پوليس ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي.اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته سائبر ڏوهن جي روڪٿام ۽ جاچ واري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ بڻايو وڃي ۽ اداري ۾ آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي ماهرن کي مقرر ڪيو وڃي. شهباز شريف چيو ته عوام کي سائبر ڏوهن کان تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته اين سي سي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ جو عمل تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم سائبر ڏوهن جي التوا هيٺ ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ سڌارن بابت سفارشن جو جائزو وٺڻ لاءِ وفاقي وزيرن محسن نقوي، اعظم نذير تارڙ، محمد اورنگزيب ۽ شزا فاطمه خواجه تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جيڪا هلندڙ هفتي جي آخر تائين پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو