پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي پاڪستان ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ(پي پي پي) جي نظام کي مضبوط بنائڻ ۽ اهڙي قابل عمل ۽ پائيدار منصوبن جي تياري ۾ مدد جي لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر جي پاليسي بيسڊ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن سان نجي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪي اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي.ايشيائي ترقياتي بينڪ موجب انهي مالي مدد جي تحت حڪومت کي خاص طور تي معياري ۽ گهٽ لاڳت بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي سرمائيڪاري جي لاءِ تيار ڪرڻ، منصوبن جي جانچ پڙتال جي عمل کي بهتر بنائڻ ۽ مالياتي خطرن جي موثر انتظام ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي.پاڪستان ۾ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو آهي ته منصوبن جي جامع جانچ پڙتال، شفاف ڄاڻ جي فراهمي ۽ مالياتي خطرن جو موثر انتظام پاڪستان جي پي پي پي منصوبن کي پائيدار بنيادي ڍانچي کي سرمائيڪاري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهن.هن چيو ته اهو پروگرام حڪومت پاڪستان جي عوامي سرمائيڪاري ۽ مالياتي انتظام کي مضبوط بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي بهتر بنائڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي نعي شعبي جي وڌيڪ سرمائيڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ اي ڊي بي جي عزم جي عڪاسي آهي. پروموٽنگ سسٽين ايبل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس پروگرام جو ٻيون مرحلو 2024 ۾ منظور ڪيو ويو. پهرين مرحلي جو تسلسل آهي، جنهن ۾ پي پي پي جي قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ کي مضبوط بنايو ويو هو.هن ٻڌايو ته ٻئي مرحلي جي تحت حڪومت وفاقي سطح تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ نجڪاري جي معاملن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم جي تحت آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. جڏهن ته 4 وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ خصوصي پي پي پي يونٽس جي قيام ۽ پي پي پي بابت مالياتي واجبات جي نگراني ۽ ڄاڻ جي فراهمي لاءِ قومي فريم ورڪ جي به معدد ڪئي پئي وڃي.اي ڊي بي جي تعاون سان حڪومت 2026 کان 2030 تائين جي لاءِ وچولي مدي جي پي پي پي منصوبن جي فهرست به منظور ڪري ورتي آهي. نيشنل پي پي پي اينڊ انويسٽمنٽ نالج هب وفاقي ادارن کي تربيت ۽ ضروري وسيلا فراهم ڪندو جڏهن ته صوبائي حڪومتون به انهي جي علمي وسيلن ۽ گڏيل تجربن سان فائدي جا موقعا حاصل ڪري سگهندا.پروگرام ۾ پي پي پي منصوبن جي منصوبه بندي ۽ خريداري جي عمل ۾ شموليت ۽ موسمياتي، ٻين خطرن جي مقابلي جي صلاحيت کي به اهميت ڏني وئي آهي. انهي پروگرام جي لاءِ اي ڊي بي جي ٽيڪنيڪل اسسٽنس اسپيشل فنڊ مان 11 لک ڊالر جڏهن ته ايشيا پيسيفڪ پراجيڪٽ پريپريشن فيسلٽي سان 9 لک 50 هزار ڊالر جي ٽيڪنيڪي مدد به فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ذريعي وفاقي سطح تي پي پي پي منصوبن جي تياري ۽ اداره جاتي استعداد وڌائڻ، پيشوارانه سرٽيفڪيشن، تجربن جي ڏي وٺ ۽ مالياتي خطرن جي جائزي جي اوزارن جي تياري ۾ به مدد ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو