قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا مليل ٻن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا مليل ٻن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور)ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا مليل ٻن جوابدارن قيصر ۽ شمشير احمد کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته استغاثا جوابدارن خلاف ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته ڪيس جي شاهدين ۾ موجود تضاد ۽ قانوني خاميون سزا برقرار رکڻ لاءِ ڪافي ناهن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس غلام سرور نهنگ جوابدارن پاران داخل ڪيل فوجداري اپيل تي فيصلو ٻڌايو. ٻنهي جوابدارن کي ايڊيشنل سيشن جج ڪروڙ لعل عيسن، ضلعي ليه، 2019ع ۾ محمد اسلم جي قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته واقعي کان پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۾ اڻ چٽي دير ڪئي وئي، جڏهن ته فرياديءَ جو اهو دعويٰ به رڪارڊ مان ثابت نه ٿي سگهيو ته هن پوليس کي 15 تي اطلاع ڏنو هو. ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ دير ۽ ان حوالي سان شاهدين جي وضاحت نه هجڻ سبب استغاثا جو موقف شڪي بڻجي ويو.فيصلي موجب فريادي مقتول کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيل گاڏي، خريداريءَ جو سامان ۽ پنهنجا رت هاڻا ڪپڙا جاچ آفيسر حوالي نه ڪيا، جڏهن ته اهي شيون واقعي وقت فرياديءَ جي موجودگي ۽ ڪيس جي ٻين حقيقتن جي تصديق لاءِ اهم ثبوت ثابت ٿي سگهن پيون.عدالت پوسٽ مارٽم ۾ پنجن ڪلاڪن کان وڌيڪ دير، اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن ۾ تضادن ۽ هٿيارن جي هٿ اچڻ بابت شاهدين جو به جائزو ورتو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته فرانزڪ سائنس ايجنسي جي هاڪاري رپورٽ اڪيلي سر سزا برقرار رکڻ لاءِ ڪافي ناهي، خاص طور تي جڏهن اکين ڏٺي شاهدي قابل اعتماد نه رهي ۽ ڪيس جا ٻيا ثبوت به شڪ پيدا ڪن.عدالت پراڻي دشمني ۽ ملڪيت جي تڪرار کي به ٻه ڌاري تلوار قرار ڏيندي چيو ته اهي عنصر هڪ طرف قتل جو سبب بڻجي سگهن ٿا، پر ٻئي طرف جوابدارن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي امڪان کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.جسٽس غلام سرور نهنگ قرار ڏنو ته فوجداري ڪيسن ۾ جوابدار خلاف ڏوهه بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ڪرڻ استغاثا جي ذميواري آهي. جوابدار کي شڪ جو فائدو ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي شڪن جو هجڻ ضروري ناهي، پر هڪ معقول شڪ به بريت جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. جڏهن استغاثا جي شاهدين ۾ اهڙا تضاد ۽ خاميون موجود هجن، جيڪي ڏوهه ثابت ٿيڻ بابت معقول شڪ پيدا ڪن، ته جوابدار کي سزا ڏيڻ قانوني طور درست ناهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ٻنهي جوابدارن قيصر ۽ شمشير احمد جون عمر قيد جون سزائون ڪالعدم قرار ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سزا ۾ واڌ لاءِ فرياديءَ پاران داخل ڪيل فوجداري نظرثاني واري درخواست به رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو