ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو (نيب) جي ٽيم اڳوڻي ڊي جي ايم ڊي اي محمد سهيل جي گهر تي ڇاپو هڻي اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.ذريعن موجب نيب ٽيم ڇاپي دوران الاٽمينٽ جون فائلون، ملڪيتن جا دستاويز، ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر قبضي ۾ ورتا، جڏهن ته بئنڪ رڪارڊ، چيڪ بڪ، واؤچر ۽ گاڏين جو رڪارڊ پڻ تحويل ۾ ورتو ويو.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي ايم ڊي اي جي آفيسرن کي گرفتار ڪيو هو.










