اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف نئين دهليءَ ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي تهذيبي مڪالمي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪرڻ تي موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي آهي.وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن وزيراعظم کي پنهنجي تازي ڀارت دوري ۽ ايس سي او جي تهذيبي مڪالمي ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت تفصيلي آگاهي ڏني.ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او اجلاس ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي اندازِ بيان ۽ اردو ٻوليءَ جي استعمال جي واکاڻ ڪئي.وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر مصدق ملڪ مڪالمي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪندي تاريخ ۽ زميني حقيقتن کي بهترين انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر مصدق ملڪ خطي ۾ پاڪستان جو مثبت تاثر ۽ سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ لاءِ تحمل ۽ فڪري وضاحت تي ٻڌل سفارتڪاريءَ جو نئون معيار متعارف ڪرايو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي.










