ليکڪ: نصير ميمڻ
ملڪ جا بادشاھ نون صوبن ٺاهڻ، اصل ۾ سنڌ ورهائڻ تي ڳنڍ ڏئي بيٺا آهن. سندن روين مان لڳي ٿو ته هو جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ کان نه ڪيٻائيندا. اصل ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي لڳاتار مزاحمت جي مستقل حل لاءِ ان کي ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ گهري ٿي.
هونءَ ته داٻن ۽ دهمان تي ٻڌل سنڌ ورهائڻ واري اها مهم ڪيترن ئي هفتن کان هلي رهي آهي، پر ويجهڙ ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران ڪراچيءَ پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۽ ان کانپوءِ مختلف ٽي وي چئنلز کي ڏنل انٽرويوز ۾ سنڌ جي ورهاڱي بابت جنهن سخت موقف جو اظهار ڪيو آهي، تنهن سنڌ جي سياسي صورتحال ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
هن اهو به سوال اٿاريو آهي ته آخر سنڌ جي وحدت بابت فيصلا ڪرڻ جو اختيار سنڌ کان ٻاهر ويٺل ماڻهن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ سندس چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا صوبي جي ورهاڱي خلاف ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي، تنهنڪري هن بحث کي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.
بلاول جو اهو موقف هن مهل سياسي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي خراب حڪمراني، ڪرپشن، بيروزگاري، تعليم، صحت ۽ عام ماڻهن جي مسئلن بابت هزارين سوال موجود آهن، پر سنڌ جي وحدت بابت پارٽيءَ جو چٽو موقف پنهنجيءَ جاءِ تي اهم آهي. خاص ڪري ان ڪري جو پيپلز پارٽي اقتدار جي انهن ايوانن ۾ موجود آهي، جتي ملڪ جي آئيني ۽ انتظامي ڍانچي بابت اهم فيصلا ٿين ٿا.
اسان جي نظر ۾ سنڌ جي وحدت جو سوال ڪنهن هڪ پارٽيءَ يا قيادتن جي سياسي پهچ کان گهڻو مٿانهون آهي. ان ڪري بلاول جي بيان کي رڳو سياسي بيان بازي سمجهي نظرانداز ڪرڻ مناسب نه ٿيندو. پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي سگهاري ڌر هجڻ سبب اهڙن حساس معاملن تي ان جي راءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي سفارتي حلقن وٽ وڏي اهميت رکي ٿي.
هونءَ ته سنڌ جي ورهاڱي وارو خواب ۽ مطالبو نئون ناهي، پر اصل سوال اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پاران اوچتو سنڌ کي ورهائڻ ۽ ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو بحث ايتري شدت سان ڇو اڀاريو ويو آهي؟ ڇا واقعي ملڪ جا سڀ انتظامي مسئلا نون صوبن ٺاهڻ سان حل ٿي ويندا؟ يا وري هن بحث جي پويان ڪي اهڙا سياسي، معاشي ۽ حڪمت عمليءَ وارا مفاد آهن، جن کي کليل نموني بيان ڪرڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي؟
گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌ ڪيترن ئي اهڙن معاملن تي وفاقي ۽ طاقتور ڌرين سان اختلاف رکيا آهن، جيڪي رڳو انتظامي نوعيت جا نه، پر صوبائي خودمختياري، وسيلن تي اختيار ۽ آئيني حقن سان لاڳاپيل آهن. ڇهن تڪراري واهن جي مخالفت، سنڌ جي زمينن کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ تي اعتراض، ڪارونجهر جبلن کي گرينائيٽ جي ڪمرشل مائيننگ لاءِ کولڻ ۽ نئون مائيننگ ايڪٽ آڻڻ خلاف مزاحمت ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولي ۾ تبديليءَ جي مخالفت، اهي سڀ معاملا سنڌ جي سياسي شعور ۽ وسيلن جي مالڪيءَ واري سوال سان ڳنڍيل آهن. سنڌ انهن اهم سوال تي اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن جي کليل مخالفت ڪندي رهي آهي.
سنڌ ۾ اهو تاثر مضبوط ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي اهڙي مزاحمتي سياسي آواز کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ صوبي جي جاگرافيائي وحدت کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي سياسي قيادت ۽ عوام وسيلن بابت پنهنجا آئيني حق گهرن، ته ان جو جواب انتظامي ورهاڱي جي صورت ۾ ڏيڻ وفاقي اصولن ۽ سياسي اخلاقيات جي ابتڙ آهي. ننڍن صوبن جي نالي ۾ اهڙا انتظامي يونٽ ٺاهڻ، جن جي سياسي قيادت عوام بدران طاقت جي مرڪزن جي محتاج هجي، جمهوري وفاق کي مضبوط نه، پر وڌيڪ ڪمزور ڪندا. اها ڳالھ سمجهڻ لاءِ ڪنهن وڏي سائنس جي ضرورت ناهي پر شايد ملڪ جا واڳ ڌڻي اهو ئي چاهين ٿا.
سنڌ کي ننڍن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ جو هڪ ممڪن سياسي مقصد اهو به آهي ته هر يونٽ ۾ اهڙا وفادار سياسي عنصر اقتدار ۾ آندا وڃن، جيڪي مرڪزي طاقت جي مرضيءَ مطابق هلن. اهڙيءَ صورت ۾ صوبائي خودمختياريءَ جو تصور ئي بي معنيٰ ٿي ويندو. سنڌ جي سياسي مزاحمت کي مختلف انتظامي سرحدن ۾ ورهائي، ان جي اجتماعي قوت کي ٽوڙڻ آسان ٿي پوندو. اها هڪ بنيادي سياسي ڳڻتي آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ۽ سياسي ڌريون سنجيدگيءَ سان ڏسي رهيون آهن.
سنڌ واسي اهو به سمجهن ٿا ته سنڌ جي وحدت کي رڳو سندن اجتماعي عوامي شعور ئي سلامت رکي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ بلاول ڀٽو زرداري کليل لفظن ۾ ان رٿا کي رد ڪري رهيو آهي، پر پيپلز پارٽيءَ جي اندر جاگيردار ۽ وڏيرا طبقي جا اهڙا اثرائتا ماڻهو موجود آهن، جن جي سياست جو بنياد عوامي مزاحمت کان وڌيڪ اقتدار ۽ حڪومتي سرپرستيءَ تي رهيو آهي. جيڪڏهن انهن تي دٻاءُ وڌو ويو يا کين متبادل اقتدار جا موقعا ڏنا ويا ته ڇا اهي پنهنجي پارٽيءَ جي موقف سان وفادار رهندا؟ سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي وفادارين جي تبديلي ڪا نئين ڳالهه ناهي. تنهنڪري رڳو پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي بيانن تي ڀاڙڻ بدران ان جي سموري پارٽيءَ جي عملي ڪردار تي نظر رکڻ ضروري آهي.
ساڳيءَ ريت گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي قيادت جي لڳاتار خاموشي به سنڌ واسين کي نظر اچي ٿي. سنڌ واسي سنڌ جي وحدت بابت اهڙي حساس بحث دوران سياسي جماعتن کان چٽي موقف جي اميد ڪن ٿا. جيڪڏهن ننڍن صوبن جي نالي ۾ نوان اقتداري يونٽ ٺاهيا وڃن ته ممڪن آهي ته ڪجهه سياسي يتيم اڳواڻن کي هڪ ننڍي انتظامي يونٽ جي حڪمرانيءَ جو آسرو به نظر ايندو هجي. جاگيرادراڻي موقعي پرستيءَ جي تاريخ پٽاندڙ اهو خدشو آهي ته اقتدار جي لالچ ان طبقي کان ڪو به ڪم ڪرائي سگهي ٿي. ان ڪري سياسي پارٽين ۽ اتحادن جي قيادت کي پنهنجي سياسي پوزيشن چٽي ڪرڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ عام سنڌ واسي سندن خاموشيءَ تي سوال اٿاريندو رهندو.
مسلم ليگ (ن) جي وفاقي وزيرن ۽ اڳواڻن جا تازا بيان سندن اصليت کي چٽو ڪري رهيا آهن ته هن بحث کي وڌيڪ ڳنڀير پڻ بڻائي رهيا آهن. مثال طور بچاءَ وارو وفاقي وزير خواجا آصف نون صوبن جي قيام کي انتظامي معاملو قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته عطاالله تارڙ ريفرنڊم کي عوامي راءِ معلوم ڪرڻ جو آئيني طريقو قرار ڏنو آهي. پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ احمد خان به سنڌ جي ورهاڱي بابت بحث جاري رکڻ جي حمايت ڪئي آهي. اهي بيان ان تاثر کي مضبوط ڪن ٿا ته وفاقي حڪمران ڌر ۾ سنڌ جي اعتراضن کي سياسي سنجيدگيءَ سان ٻڌڻ بدران انهن کي هڪ انتظامي بحث ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. نواز ليگ جو سنڌ جي قومي مسئلن بابت اهو رويو نوي جي ڏهاڪي وارو نظر اچي رهيو آهي.
تحريڪ انصاف جو موقف به سنڌ لاءِ اطمينان جوڳو ناهي. ننڍن انتظامي يونٽن جو تصور ان جي سياسي پروگرام ۾ موجود رهيو آهي، تنهنڪري ان جماعت کان به سنڌ جي وحدت بابت غيرمشروط ۽ چٽي موقف جي گهرج آهي. هي اهي جماعتون آهن جيڪي پاور پاليٽڪس جو اهم ڪردار آهن. سنڌ جي ورهاڱي جو سوال ڪنهن وفاقي يا صوبائي حڪومت جي تبديليءَ سان ختم ٿيڻ وارو ناهي. سنڌ جي عوام کي اک کليل رکڻي پوندي ته ورهاڱي واري ان رٿا کي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي اقتداري حڪمت عمليءَ جو حصو بڻجڻ نه گهرجي.
سنڌ جي ورهاڱي جي خواهش رکندڙن کي جڏهن اها ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته آئيني طور اهو ڪم ڪرڻ ۾ رنڊڪون آهن ته سنڌ جي ورهاڱي لاءِ هاڻي وري ريفرنڊم جو طريقو به پيش ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ آئيني حقيقت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ريفرنڊم کي آئين جو متبادل بڻائي پيش ڪرڻ سان هڪ خطرناڪ مثال قائم ٿي سگهي ٿو. ڪنهن صوبي جي مستقبل جو فيصلو ان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪرڻ جا نتيجا اگرا نڪرندا.
سنڌي عوام جي ردعمل کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو به خدشو موجود آهي ته ايندڙ چونڊن کان اڳ ڪنهن عبوري يا غيرمعمولي سياسي بندوبست، يا چونڊن کانپوءِ ڪنهن اهڙي حڪومت ذريعي، سنڌ جي ورهاڱي جي راه سنئين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جنهن کي عوامي مينڊيٽ جي حقيقي حمايت حاصل نه هجي. اهڙي امڪان کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي سياسي قوتن کي لڳاتار عمل ۾ رهڻو پوندو. ڇو ته سنڌ جي ورهاڱي کي رڳو سنڌ واسين جي ٻڌي ۽ مستقل جدوجهد ئي روڪي سگهندي.(هي مضمون 24 نومبر تي ڪاوش ۾ شايع ٿيو، اسين ليکڪ جي خواهش موجب سندن ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










