ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اٽي جو سرڪاري اگهه 138 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪڻڪ سڌي ريت فلور ملن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان فلور ملز ايسوسيئيشن جي وفد سان اهم ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ان فيصلي جو مقصد مارڪيٽ ۾ اٽي جي فراهمي برقرار رکڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام آڻي صارفين کي رليف ڏيڻ آهي. محبوب الزمان چيو ته اٽي جي ٿوڪ ۽ پرچون اگهن ۾ فرق کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا. سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو ٻوري ۽ داڻي وارو روايتي نظام ختم ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت پاران 17 ارب رپين جي سبسڊي پڻ ڏني وئي آهي.










