تهران: (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ڪيميائي هٿيارن جي روڪٿام واري عالمي اداري جي سرگرمين ۾ رنڊڪون وجهي عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته آمريڪا ڪيميائي هٿيارن بابت ايترو فڪرمند آهي، جو انهن جي نگراني ڪندڙ عالمي اداري کي ئي مفلوج ڪري رهيو آهي. هن ڪيميائي هٿيارن جي روڪٿام واري تنظيم (او پي سي ڊبليو) جي سرگرمين ۾ امڪاني رنڊڪ ۽ اهم پروگرامن ۾ گهٽتائي جي خدشن جو حوالو ڏيندي آمريڪي قدمن کي شرمناڪ قرار ڏنو. ان کان اڳ خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز رپورٽ ڪيو هو ته او پي سي ڊبليو کي سخت مالي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اداري جي 8 ڪروڙ 30 لک يورو جي سالياني بجيٽ ۾ چوٿين حصي جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب آمريڪا پاران پنهنجي مالي حصي جي گهربل رقم ادا نه ڪرڻ آهي. اداري جي ڊائريڪٽر جنرل خبردار ڪيو آهي ته مالي کوٽ سبب ڪجهه سرگرميون متاثر ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ شام ۾ ڪيميائي هٿيارن جي سڃاڻپ ۽ تباهي بابت پروگرام پڻ شامل آهن، جڏهن ته انهن پروگرامن کي معطل يا محدود ڪري سگهجي ٿو.










