خيال کتري
اڻ ٿيڻي ايجنڊا تي ڪم ڪندي اٽي ۾ لوڻ کان به گھٽ ڌريون نون صوبن جي جوڙڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهيون آهن. جن جي پويان اهڙيون ڪي سگھاريون ڌريون پُٺ ڀرائي ڪري رهيون آهن. جو هو بنا ڪنهن سوچ ويچار جي مليل ٽارگيٽ تي هم و تن مصروف رهنديون اچن. پر انهن جي ايجنڊا کي سنڌي جو عوام مسلسل رد ڪندو اچي. تازو ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ريليءَ پنهنجو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، ته اسان کي سنڌ جي وحدانيت تي ڪنهن به صورت ۾ وار قبول ناهي. اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ گذريل ڪيتري ئي وقت کان عوامي ميڙاڪن، جلسن، ريلين، ڌرڻن مان ماڻھن جي سنڌ ٽوڙڻ واري سازشن کي نه رڳو رد ڪري ڇڏيو آهي. پر انهن پنهنجي ڌرتيءَ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ تائين جا وچن گھڙيءَ گھڙيءَ ورجائي پڻ ڇڏيا آهن.
سنڌ جي عوامي سوچ کي مسلسل نظرانداز ڪندي، پنهنجيون ذاتي خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ وقت به وقت سنڌ ٽوڙڻ جو ڳالھيون ڪري، سنڌ جي رهندڙ هر فرد جو اڀمان ڪيو پيو وڃي. جيڪو سراسر ڏوھ ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ رهندڙ هر فرد پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار جلوسن ۾ اچي ڪري چڪو آهي. واضح هجي ته نه رڳو ان ۾ سنڌي قوم پرست شامل آهن. پر ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين پڻ اهڙو اظهار ڪري چڪو آهي، ته اسين سنڌ جي تقسيم جا قطعي خواهشمند نه آهيون. نه ئي ڪو چاهيون ٿا ته اسان جي سنڌ ڌرتي ڪپي ڳڀا ڳڀا ڪئي وڃي. هن جي کليل بيانن ۽ ان سان لاڳاپيل ڌرين جي پڻ چٽن بيانن مان اهوئي نتيجو ٿو نڪري ته ايم ڪيو ايم جي باني ۽ ان جي ڪارڪنن جي اها ايجنڊا آهي ئي ڪونه. ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سنڌ کي ٽوڙڻ لاءِ ڪهڙيون قوتون آهن. جيڪي سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي امن امان کي خطري ۾ وجھڻ ٿيون چاهين.
سنڌ جو عوام ڀلي کيڻي پاڻ ۾ ڪيترا به اختلاف رکي. پر گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي وحدانيت تي سڀئي هڪڙي پليٽ فارم تي ڪَٺا آهن. سنڌ جي ڪابه سياسي، سماجي، مذهبي، قوم پرست جماعت ان سنڌ ٽوڙڻ جي ڪنهن به نموني حامي ڪونھي. پوءِ چاهي اها حڪومتي ڌر هجي يا مخالف ڌر هجي يا قوم پرست تنظيم هجي يا مذهبي جماعت هجي. سنڌ ۾ موجود هر خيال جي پارٽي سنڌ جي وحدانت جي قائل آهي ۽ ان جي ٽوڙڻ جي شديد مخالف رهي آهي. اهڙا هنن جا بيان، پريس ڪانفرنسون، مختلف جماعتن جون گڏيل گڏجاڻين جي ايجنڊائن ۾ هڪڙي ئي راءِ رکي وڃي ٿي ته سنڌ هڪ آهي ۽ سا هڪ ئي رهندي. ان کي ٽوڙي ان مان مختلف صوبا ٺاهڻ ڪون ڏنا ويندا. پر شر پسند عناصر پنهجي هوڏ تي قائم نظر اچن ٿا. هنن جو شرپسنديون وقت به وقت سنڌ جي عوام کي ذهني ڪوفت جو شڪار ڪنديون رهيون آهن. سنڌ جي عوام کي بيوقوف سمجھي انهن جي وڏن آمدنيءَ جي ذريعن تي قبضا ڪرڻ جون خواهشمند رهيون آهن. جن جي هر دور ۾ مذمت ڪئي ويئي آهي. اهڙن خيالن کي مسلسل باپسند ڪيو ويو آهي. تنهن هوندي به نون صوبن جوڙڻ وارو رينگٽ بند نٿو ڪيو وڃي.
سڌا سنوان پنهنجا مقصد ملڻ مشڪل ڏسي، هڪ نئون شوشو ريفرنڊم جو هلايو ويو آهي، ته ريفرنڊم ذريعي نون صوبن لاءِ عوام کان راءِ وٺجي. هزارن لکن ماڻھن تي مشتمل جلوسن، ريلين، ڪَٺَن، پريس ڪانفرنسن ۽ آل پارٽيز ڪانفرنسن تي هنن جي اک ئي نٿي ٻڏي.
اها سڀني کي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، ته ريفرنڊم جا نتيجا ڪهڙا ايندا؟ اهي نتيجا ڇا هوندا؟ واضح هجي ته هنن جي عوامي راءِ جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جو طريقو فارم 47 جي روپ ۾ گذريل چونڊن دوران ڪرائي چڪي آهي. هيءُ به انھيءَ وانگر رفرنڊم ڪرائي عوام کي چوتيو ڪري پنهنجا مقصد ماڻڻ جا حربا هلائي رهيا آهن. جيڪي سنڌ جو عوام ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪندو.
اهم ڳالھ اِها آهي ته صوبن جي حدن ۾ چراند ڪرڻ لاءِ آئيني طور لازمي آهي، ته جنهن به صوبي جي حدن کي گھٽ وڌ ڪرڻو پوي ٿو يا صوبن کي ٽوڙي انهن مان نوان صوبا قائم ڪرڻا هوندا آهن. ته اسيمبليءَ کي باقاعدي هڪ قرارداد منظور ڪرڻي پوندي آهي. اها هڪ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان. واضح رهي ته ريفرنڊم ڪرائڻ کان پوءِ به لاڳاپيل صوبي جي اسيمبليءَ مان قرارداد پاس ڪرائڻ لازمي آهي. جنهن کان پوءِ ان کي اڳتي وڌيڪ منظوريءَ لاءِ اماڻيو ويندو آهي. جنهن کي سينيٽ نظر وجھندي آهي. ۽ منظوري ڏيڻ يا نه ڏيڻ ان جي وس ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن اها به منظوري ڏئي ٿي ڇڏي ته حتمي فيصلو صدر مملڪت کي هوندو آهي. ان جي صحيح سان ئي سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو. پر جيڪڏهن اهوئي ان تي صحيح نه ڪري ته معاملو رفع دفع ٿي ويندو.
هن وقت اها ڳالھ به ڀليءَ ڀت وائکي ٿي چُڪي آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو سربراه بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقريري بيانن ۾ چٽي نموني چئي ڇڏيو آهي. ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ صوبي کي ٽوڙڻ نه ڏنو ويندو. ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪومت آهي. جيڪا پڻ نون صوبن جي حق ۾ ڪونھي.
هنن سڀني ڳالھين جي هوندي به سنڌ صوبي کي ٽوڙڻ جي ڪنهن کي خواهش آهي، ته ان جو سد باب ڪرڻ سنڌ جي حڪومت جو اولين فرض آهي. جنهن کي نه عوام ٿي چاهي ۽ نه ئي وقت جي حڪومت، ته پوءِ اهو رينگٽ آخر ڇو هلندو اچي. ان تي حڪومتي ڌر کي ضرور سوچڻ گھرجي ۽ ان تي قانوني قدم کڻڻ گھرجي.










