چاهيان ٿو وزيراعظم جا هٿ مضبوط ڪريان ۽ پنهنجو مدو پورو ڪري،بلاول ڀٽو

چاهيان ٿو وزيراعظم جا هٿ مضبوط ڪريان ۽ پنهنجو مدو پورو ڪري،بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهباز شريف کي اسان ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻايو، مان چاهيان ٿو ته سندس هٿ مضبوط ڪريان ۽ هو پنجن سالن جو آئيني مدو پورو ڪري.ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ سنڌ حڪومت جي 17 ارب رپين جي ”سنڌ ويٽ گروورز سپورٽ پروگرام 2026ع“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته کيس خبر آهي ته شهباز شريف ان ڳالهه تي فخر ڪري ٿو ته هن پاڪستان کي ڏيوالپڻي کان بچايو، پر وزيراعظم کي معاشي ڏکيائين تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. وزيراعظم ڇا ڪري، هو جڏهن به ڪو منصوبو جوڙي ٿو ته سندس ڪو وزير پنهنجو ايجنڊا کڻي اچي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته موجوده معاشي بحران مان نڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو، دنيا جي سڀني حڪومتن جو ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته عوام کي ڪيئن رليف فراهم ڪري سگهجي. عوام کي ان ڳالهه جي ڳڻتي ناهي ته هڪ صوبو ٺهي يا پنج صوبا، کين پنهنجي معاشي ڏکيائين جي ڳڻتي آهي. ملڪ جون معاشي پريشانيون ختم ڪرڻ لاءِ سڀني پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اوهان مولانا فضل الرحمان ۽ خان صاحب کي پسند ڪريو يا نه، پر انهن سان به ڳالهه ٻولهه ۽ رابطو رکڻو پوندو. جيڪڏهن منهنجي نظر ۾ ملڪ جو مفاد اهم نه هجي ها ته مان به چوان ها ته کين رڳو رگڙيندا رهو. پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي واحد سياسي جماعت آهي، جنهن جو ڌيان محدود وسيلن باوجود عوام جي مدد ڪرڻ تي آهي. سنڌ حڪومت پاران ٿر لاءِ پيڪيج ڏيڻ واري قدم جي آجيان ڪريان ٿو. پيپلز پارٽيءَ کي احساس آهي ته ملڪ ۾ معاشي بحران، مهانگائي ۽ بيروزگاري جا مسئلا موجود آهن. افسوس آهي ته اسان جي ملڪ ۾ سياستدانن ۽ حڪمرانن عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. سڀني سياسي اختلافن ۽ ويڙهن کي وساري اهو سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ۾ اهڙو معاشي بحران اڳ ڪڏهن به نه آيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون سڀني جي سامهون آهن، اسان معاشي بحران مان گذري رهيا آهيون ۽ خطي ۾ جنگ جهڙيون حالتون آهن. جنگ جو معاشي بار پاڪستان جو هر شهري پنهنجي ڪلهن تي برداشت ڪري رهيو آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو ڏکيو معاشي وقت ناهي ڏٺو، جڏهن ته اڃا تائين امن جو ڪو معاهدو نظر نٿو اچي. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ اسان واحد سياسي جماعت آهيون، جنهن جي سوچ اها آهي ته محدود وسيلن ۾ عوام تائين ڪيئن مدد پهچائي سگهجي. پيپلز پارٽيءَ هميشه ننڍن آبادگارن جي نمائندگي ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاشي بحران سبب ڊيزل ۽ ڀاڻ جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اهڙين حالتن ۾ سنڌ حڪومت هاري ڪارڊ ذريعي 6 لک آبادگارن جي مدد ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو