اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.65 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 10.41 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اداره شماريات هفتيوار مهانگائي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب هڪ هفتي دوران 23 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ، جڏهن ته 8 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب هفتيوار بنيادن تي ٽماٽن جي قيمت ۾ 30.55 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته بصر 9.17 سيڪڙو، ايل پي جي 6.46 سيڪڙو، پيٽرول 3.87 سيڪڙو، ڊيزل 2.46 سيڪڙو ۽ مڱن جي دال 0.54 سيڪڙو سستي ٿي. ٻئي پاسي هڪ هفتي دوران آنن جي قيمت ۾ 8.84 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ٻوڙن جي قيمت ۾ 8.07 سيڪڙو، اٽي ۾ 4.42 سيڪڙو، ڪڪڙ جي گوشت ۾ 3.01 سيڪڙو، ڪيلن ۾ 1.74 سيڪڙو ۽ جارجٽ ڪپڙي جي اگهه ۾ 1.40 سيڪڙو واڌ ٿي. اداره شماريات موجب سالياني بنيادن تي ايل پي جي 87.99 سيڪڙو، اٽو 44.20 سيڪڙو ۽ بجليءَ جي ٽه ماهي ٽيرف ۾ 36.30 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ڊيزل 24.84 سيڪڙو، ڪڪڙ جو گوشت 24.35 سيڪڙو، بصر 24.05 سيڪڙو ۽ پيٽرول 21.35 سيڪڙو مهانگا ٿيا. رپورٽ موجب سالياني بنيادن تي ٻوڙن جي قيمت ۾ 27.13 سيڪڙو، کنڊ ۾ 26.24 سيڪڙو ۽ ٽماٽن ۾ 20.86 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته آنن جي قيمت ۾ 16.10 سيڪڙو، لوڻ ۾ 11.03 سيڪڙو ۽ مسور جي دال ۾ 6.90 سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.










