اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته نون صوبن جي قيام بابت حڪومت جو موقف واضح آهي، عوام جي راءِ ورتي وڃي ۽ جيڪڏهن عوام نوان صوبا ٺاهڻ جي حق ۾ هجي ته اهي قائم ٿيڻ گهرجن. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته گوجرانوالا سندس اباڻو شهر آهي، ضلعي بار جي جنرل سيڪريٽري جي دعوت تي هن اتي دورو ڪيو هو، ان وقت اتي ڪو به اميدوار موجود نه هو. هن چيو ته ضلعي بار جي جنرل سيڪريٽري جي دعوت اليڪشن شيڊيول جاري ٿيڻ کان اڳ ملي هئي. اسان اليڪشن ڪميشن کان غيرمشروط معذرت ڪئي آهي. نون صوبن جي قيام بابت اسان جو موقف واضح آهي ته عوام جي راءِ ورتي وڃي ۽ جيڪڏهن عوام جي راءِ نون صوبن جي حق ۾ هجي ته اهي قائم ڪيا وڃن. عطا تارڙ چيو ته جيڪڏهن عوام نوان صوبا ٺاهڻ جي حق ۾ نه هجي ته پوءِ اهي نه ٺاهيا وڃن. عوامي راءِ سامهون آڻڻ جو رستو هموار ڪيو وڃي ۽ ان مطابق فيصلا ڪيا وڃن. هن سوال ڪيو ته ريفرنڊم ڪرائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ ان ۾ ڪو به حرج نه هجڻ گهرجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪالهه صدر مملڪت سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ افهام تفهيم سان اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ريفرنڊم بابت آئيني شق واضح آهي، قومي اهميت ۽ وڏي اهميت وارن معاملن تي ريفرنڊم ڪرائي سگهجي ٿو. عوام جي راءِ پڻ ورتي ويندي. منهنجي خيال ۾ عوام جي راءِ سامهون اچڻ گهرجي، اها ضرور سامهون ايندي، جنهن کانپوءِ ڏٺو ويندو ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي.










