ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت عوامي راڄ پارٽي جي سربراهه اقرار الحسن خلاف رياست مخالف مواد جي تشهير واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته اقرار الحسن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اقرار الحسن پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت مٿس لڳايل الزامن بابت فرد جرم پڙهي ٻڌائي، پر هن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پراسيڪيوشن کي شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ جوابدار کي ايندڙ پيشي تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ٻئي طرف اقرار الحسن جي وڪيلن گرفتاري وقت تحويل ۾ ورتل موبائل فون ۽ آءِ پيڊ واپس ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اقرار الحسن جي گهرواري جو موبائل فون پڻ تحويل ۾ ورتو ويو هو ۽ فارنزڪ جاچ کانپوءِ واپس ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي، پر اڃا تائين ڊوائيسز واپس ناهن ڪيا ويا. عدالت موبائل فون ۽ آءِ پيڊ واپس ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سومر ڏينهن ٻڌايو ويندو. عدالت موجب ان وقت تائين فارنزڪ رپورٽ به اچي ويندي. واضح رهي ته اقرار الحسن هن ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي.










