تارڙ خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جو فيصلو محفوظ

تارڙ خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ خلاف ضمني چونڊ دوران ضابطه اخلاق جي مبينا ڀڃڪڙي واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عطا الله تارڙ پنهنجي وڪيل سميت اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو. عطا الله تارڙ جي وڪيل سجیل سواتي موقف اختيار ڪيو ته وفاقي وزير گوجرانوالا ۾ ذاتي دعوت تي ويو هو، دوري جو مقصد چونڊ مهم يا ڪا سياسي سرگرمي نه هئي. وڪيل چيو ته هو اليڪشن ڪميشن جو احترام ڪن ٿا ۽ غير مشروط معذرت به پيش ڪن ٿا، جڏهن ته لکت ۾ جواب پڻ جمع ڪرايو ويو آهي. ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا الله تارڙ چيو ته ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري جي دعوت تي گوجرانوالا ويو هو، جيڪا دعوت چونڊ شيڊيول کان اڳ ملي هئي ۽ اتي ڪو به اميدوار موجود نه هو. نئين صوبن جي قيام بابت سوال تي هن چيو ته ان معاملي تي سڄي ملڪ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ عوامي راءِ موجب فيصلو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته قومي اهميت جي معاملن تي ريفرنڊم ڪرائڻ ۾ ڪو حرج ناهي. عطا الله تارڙ وڌيڪ چيو ته صدر مملڪت ۽ وزيراعظم وچ ۾ ملاقات دوران مختلف معاملن کي ڳالهه ٻولهه ۽ اتفاق راءِ سان اڳتي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو