معاشي ترقيءَ جي واڳ خانگي شعبي کي ڏيڻي پوندي: محمد علي

معاشي ترقيءَ جي واڳ خانگي شعبي کي ڏيڻي پوندي: محمد علي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي چيو آهي ته معاشي ترقيءَ جي واڳ خانگي شعبي کي ڏيڻي پوندي، نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاڪستان کي ايندڙ 20 کان 30 سالن ۾ حقيقي معاشي منزل تائين پهچائيندي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ محمد علي چيو ته ملڪ جا اصل ڪاروباري مرڪز ڪراچي، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ فيصل آباد آهن، تنهن ڪري پاليسي سازيءَ ۾ خانگي شعبي کي شامل ڪرڻ لازمي آهي.هن چيو ته پاليسي سازيءَ ۾ تعليمي ۽ تحقيقي ادارا ٻيو اهم ٿنڀ آهن، پر يونيورسٽيون ۽ ٿنڪ ٽينڪ پاليسي ٺاهيندڙن کان ڪٽيل آهن.وزيراعظم جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته تحقيق ۽ مشاورت کانسواءِ پائيدار پاليسي جوڙڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته اختلاف راءِ کي دليل ۽ تعميري بحث ذريعي حل ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو