ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي آءِ اي پوليس جو هڪ آفيسر شهري کي اغوا ڪري ڀنگ وصول ڪرڻ جي واردات ۾ ملوث نڪتو آهي.ملير ڪينٽ پوليس ڪارروائي ڪندي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل جي آفيسر کي سندس ساٿي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب گرفتار پوليس آفيسر انسپيڪٽر رسول بخش ڊي آءِ او لياقت آباد ۾ مقرر آهي. جوابدارن ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حدن مان هڪ شهري کي اغوا ڪيو هو ۽ سندس آزاديءَ عيوض هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ وصول ڪيو ويو هو.ٻئي طرف پوليس ڊفينس واري علائقي ۾ به ڪارروائي ڪندي ٻن جعلسازن کي گرفتار ڪيو آهي. جوابدار سيڪيورٽي ڪمپني جي نالي تي غيرقانوني برانچ قائم ڪرڻ ۾ ملوث نڪتا آهن.










