اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ڪنگ عبدالله فنانشل ڊسٽرڪٽ کي حوثي مليشيا پاران نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.پرڏيهي آفيس موجب رياض ۾ ڪنگ عبدالله فنانشل ڊسٽرڪٽ جي ٽاور کي نشانو بڻائڻ سعودي عرب جي خودمختياريءَ جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. شهري تنصيبات ۽ معاشي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ سان بيگناهه انساني جانين کي خطرو پيدا ٿئي ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اهڙا مذموم حملا علائقائي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ سنگين خطرو آهن، پاڪستان حوثي مليشيا کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي حملا فوري طور بند ڪيا وڃن.بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي خودمختياري توڙي علائقائي سالميت جي دفاع واري حق جي حمايت ڪري ٿو.پاڪستان سعودي شهرين ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي تحفظ لاءِ سعودي حڪومت جي قدمن جي پڻ حمايت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب کي ملڪ جي خودمختياريءَ جي دفاع، قومي اثاثن جي تحفظ ۽ سڄي ملڪ ۾ شهرين توڙي رهواسين جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو مڪمل ۽ جائز حق حاصل آهي.سعودي عرب واضح ڪيو ته عالمي قانون موجب سعودي سرزمين يا قومي اثاثن کي نشانو بڻائيندڙ ڪو به حملو برداشت نه ڪيو ويندو.سعودي عرب عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عمل ڪرائين ۽ سعودي عرب خلاف حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪن. بيان ۾ حوثي مليشيا سبب علائقائي ۽ عالمي سلامتيءَ کي لاحق خطرن جي مذمت ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.










