راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه جو دورو ڪيو، جتي کيس موجوده سڪيورٽي صورتحال ۽ جاري انٽيليجنس بنيادن تي ٿيندڙ آپريشنن بابت بريفنگ ڏني وئي.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير يادگارِ شهدا تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ملڪ جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي.فيلڊ مارشل کي دهشتگردي خلاف حاصل ڪاميابين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علائقي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ ملڪ جي دفاع ۽ سلامتيءَ لاءِ سندن اعليٰ تياري، پيشاوراڻي مهارت ۽ غيرمتزلزل عزم کي ساراهيو.فيلڊ مارشل عاصم منير خيبرپختونخوا پوليس جي بهادريءَ کي ساراهيندي ان کي اڳين صفن ۾ وڙهندڙ هڪ بهادر فورس قرار ڏنو.هن دهشتگردي ۽ فتنه الخوارج خلاف پوليس جي ثابت قدمي ۽ قربانين تي فخر جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ويجهي سهڪار ذريعي دهشتگرديءَ جي لعنت کي فيصلائتي نموني ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ خيبرپختونخوا ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ سڪيورٽي فورسز جي غيرمتزلزل عزم جو ورجاءُ ڪيو.ميران شاهه پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو استقبال ڪيو.










